ستن ستين جو قبو

ستن ستين جو قبو (ماڳ): هيءَ ماڳ ساموئي، ضلعي ٺٽي ۾ آهي. ڳوٺ غلام حسين جي اتر ۾ هڪ قبو آهي، جنهن لاءِ روايت آهي ته اهو سومرا خاندان جي ستن ڀينرن جو آهي. مقبرو چوڪنڊي شڪل جو آهي، جيڪو اندران توڙي ٻاهران گچ سان لنبيل آهي. اوڀر ۾ ڪشادو اڱڻ اٿس. مقبري جي ڇت هموار آهي، جيڪا سردرن تي بيٺل آهي، جنهن جي اوڀر واري مهاڙي ونگن وارن خانن سان سينگاريل آهي، لنگهه فقط هڪڙو اٿس، جيڪو اندر اونداهي مقبري ڏانهن وڃي ٿو، جتي ستن ستين جون ساديون سوديون قبرون آهن. هي ماڳ سومرا دؤر جو چيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو